جل پري

جل پري

جل پري

جل پري: جل پريءَ کي انگريزيءَ ۾ ‘Mermaid’ سڏجي ٿو. هي پاڻيءَ جو هڪ اهڙو خيالي جانور آهي، جنهن جو مٿيون اڌ حصو عورت جو ۽ هيٺيون اڌ حصو مڇيءَ جهڙو هوندو آهي. جل پريءَ جو تصور، سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود آهي. خاص ڪري يورپ جي اترين ملڪن، جن ۾ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا. اتان جي رهواسين کي جل پري جي هئڻ ۾ پختو يقين آهي. انهن ملڪن ۾ جل پري جي مورت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مونوگرام کان سواءِ ڪليسا گهرن جي دروازن تي پڻ اڪريل هوندي آهي. جل پري ڏسڻ جي دعويٰ سڀ کان پهرين سورهين صديءَ ۾ مسٽر هينري هڊسن ڪئي هئي، جنهن کي 1608ع ۾ ساٿين سان گڏ اها ريمبلا ٻيٽن وٽ نظر آئي هئي. جل پري نظر اچڻ جي خبر 1809ع ۾ انگلنڊ جي ’The Time‘ اخبار ۾ ڇپي هئي.

1979ع ۾ انڊونيشيا جي بالي ٻيٽ تي به هڪ عورت جل پريءَ جي نظر اچڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. ڪيترن ملڪن ۾ جل پريءَ کي نڀاڳ جي نشاني پڻ سمجهيو ويندو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اوچتو ٻڏي ويل جهازن بابت سرڪاري طرح لکيو ويندو آهي ته ”جهاز کي جل پريءَ ٻوڙيو“ مشهور ڊراما نويس ۽ شاعر شيڪسپيئر ۽ ويهين صديءَ جي شاعر وليم بٽلر به پنهنجي ڊرامن ۽ شاعريءَ ۾ جل پريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي اديبن شاعرن به پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ جل پريءَ کي استعاري ۽ تشبيهه طور استعمال ڪيو آهي.





لفظ جل پريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.00.00  عيسوي

جل پري نظر اچڻ جي خبر 1809ع ۾ انگلنڊ جي ’ The Time ‘ اخبار ۾ ڇپي هئي .



ڪردار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاسوس
شرلاڪ هومز
پنهون
ٻيجل
صابل ۽ بهرام جمالي1
جاسُلَ
سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو
جسمان اوڏڻ
جيوڻ ملڪ
سومل
ڪردار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون